سندباد سيلاني

سندباد سيلاني

سندباد سيلاني

سندباد سيلاني: الف ليليٰ جي ڪهاڻين ۾ بيان ٿيل ڪهاڻي ۽ ڪردار، جنهن کي ڏهين صدي عيسويءَ جو چيو وڃي ٿو. ان مطابق بصري (عراق) جو هڪ شاهوڪار واپاري ’سندباد سيلاني‘ پنهنجن دوستن کي پنهنجي زندگيءَ جي مهمن ۽ دولت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيل ستن سامونڊي سفرن جو احوال ٻڌائيندي پنهنجا تجربا ٻڌائي ٿو. انهن مان ڪيترا سچا ته ڪيترا گهڙيل افسانوي ٿا لڳن. هن ڪهاڻيءَ ۽ ڪردار جي نالي ۽ عراق سان قديم سنڌ جي ماڻهن جي تعلق، اچ وڃ ۽ واپاري ناتن جي ثابتين کي ڏسندي ڪن عالمن اهو خيال ظاهر ڪيو آهي ته اهو سامونڊي واپاري يا وڻجارو دراصل سنڌ جو ئي هو ۽ اها ڪهاڻي سنڌ سان به نسبت رکي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو